زاهد شيخ

زاهد شيخ

زاهد شيخ

زاهد شيخ: مشهور شاعر زاهد شيخ جو اصل نالو حاڪم علي ولدگل محمد شيخ آهي، هن پهرين جنوري 1964ع تي ڳوٺ شاهه لڌاڻي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ سکر مان 1982ع ۾ مئٽرڪ ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1995ع ۾ ايم. اي(بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪيائين.بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي به آهي. زاهد شيخ 1975ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. قومي ۽ عوامي تحريڪن کان متاثر ٿي، سندس شاعريءَ عوامي ۽ قومي رنگ اختيار ڪيو، ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۽ خاص ڪري ايم. آر. ڊي دوران هن جا گيت سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گونجڻ لڳا. سندس آواز به سٺو آهي پر سندس شاعري، سرمد سنڌيءَ سميت ٻين فنڪارن ڳائي شهرت ماڻي. کيس عمر کان وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي آهي. هن وقت احتشاميه گورنمينٽ اسڪول ڪارساز، ڪراچيءَ ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جا 5 مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) جيجل تنهنجي جهول ۾ (ٻارن لاءِ شاعري)
(2) سپنا سورج ڪرڻا (شاعري)
(3) گهاون مٿان گل (شاعري)
(4) امن جو مسافر (شاعري)
(5) دلبر، ديس ۽ دل (شاعري)
زاهد شيخ هن وقت گلشن حديد، ڪراچي نمبر 49 ۾ رهي ٿو.


لفظ زاهد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.01.01  عيسوي

مشهور شاعر زاهد شيخ جو اصل نالو حاڪم علي ولدگل محمد شيخ آهي، هن پهرين جنوري 1964ع تي ڳوٺ شاهه لڌاڻي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاڪر شجاع آبادي
گل محمد آزاد صوفي
راشدي سيد ڪليم الله شاهه
احمد فقيرمستان
عثمان فقير سانگي
سلطان باهو
احسان عظيم صديقي
حيدر شاهه سيد
سوڀراج نرملداس فاني
ابو البقا ملا ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون